خادم حسين، قاضي

خادم حسين، قاضي

قاضي خادم حسين

قاضي خادم حسين : مشهور اديب، ڪهاڻيڪار، ڊرامه نگار، مترجم ۽ نقاد، ڊاڪٽر قاضي خادم حسين، محمد لائق قريشيءَ جي گهر ۾، 21 نومبر 1945ع تي، ڳوٺ الهداد چنڊ، ضلعي حيدرآباد ۾ جنم ورتو. قاضي خادم جو والد مختيارڪار هو، جيڪو هالن پراڻن جو رهاڪو هو ۽ نوڪريءَ سانگي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ رهيو، جنهنڪري قاضي خادم به ساڻس گڏ مختلف شهرن ۾ ننڍپڻ گهاريو ۽ پڙهيو. ايم. اي (سنڌي)، ايم. اي (انگلش) ۽ ايل. ايل. بي جا امتحان سنڌ يونيورسٽيءَ مان پاس ڪيا. 1966ع ۾ بي. اي آنرس ۾ فيڪلٽي ٽاپ ڪرڻ جي ڪري، سچل سائنس ڪاليج حيدرآباد ۾ ليڪچرر مقرر ٿيو، ان سان گڏ مسلم آرٽس ڪاليج حيدرآباد ۾ شام جو جُر وقتي ليڪچرر پڻ رهيو ان دوران 1963ع کان 1966ع تائين اخبار ’خادم وطن‘ ۾ سب ايڊيٽر ٿي رهيو، جتي ادبي صفحو مرتب ڪندو هو. 1969ع کان 1970ع تائين روزانه ”هلال پاڪستان“ حيدرآباد ۾ سب ايڊيٽر ٿي رهيو. 15 جون 1970ع کان سنڌ يونيورسٽي جي سنڌي شعبي ۾ استاد مقرر ٿيو٬ جتي رٽائرمينٽ (11 نومبر 2005ع) تائين پروفيسر، چيئرمئن سنڌي شعبو، ڊين فيڪلٽي آف آرٽس ۽ ايڊوائيزر اسٽوڊنٽس گائيڊنس بيورو به ٿي رهيو. قاضي خادم 1989ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان پي ايڇ. ڊي ڪئي. سندس تحقيقي مقالي جو عنوان ’سنڌ جي نثري داستانن جو تنقيدي جائزو‘ هو. هن ريڊيو ۽ ٽيليويزن لاءِ ڪيترائي ڊراما لکيا آهن. قاضي خادم جي طبعزاد ۽ ترجمو ڪيل ڪتابن جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو: (1) شمع هر رنگ ۾ جلتي هي سحر هوني تک (اردو ناول: آگسٽ 1962ع، (2) گڊ باءِ مسٽر چپس (جيمز هلٽن جو ناول: ترجمو: 1964ع)، (3) زوال (البر ڪامئو جو ناول: ترجمو: 1966ع)، (4) سونهن جي ديوي (پيري لوئيءَ جي ناول ’ايفروڊائيٽ‘ جو ترجمو: 1972ع)، (5) جوئاري (دوستو وسڪيءَ جي ناول ‘The Gambler’ جو ترجمو: 1976ع)، (6) پيار ۽ سپنا (ناول: 1977ع)، (7) پيار (جان پال سارتر جي ناوليٽ جو ترجمو: 1978ع)، (8) درد جي خوشبوءِ (ناول: 1981ع)، (9) سمنڊ اپسمنڊ (ڪهاڻيون: 1981ع)، (10) شهري حياتي ۽ ڳوٺاڻي حياتي (مرڪزي سرڪار جي رٿا هيٺ سنڌي ادبي بورڊ طرفان ڇپيل: 1981ع)، (11) لڙڪ لڙڪ زنجير (ڊراما: 1988ع)، (12) سنڌ جا نثري داستان (پي ايڇ. ڊي جو مقالو: 1990ع)، (13) ادب ۽ روايتون (مضمون: 1992ع)، (14) The Glorious Past 42 (42 سنڌي آتم ڪهاڻين تي انگريزيءَ ۾ تبصرو: 2006ع)، (15) مٽيءَ ۾ ملاوٽ (ڪهاڻيون: 2008ع)، (16) دل جي دفتر مان (يادگيريون: 2009ع)، (17) ساروڻيون (ساروڻيون: 2010ع) ۽ (18) اندر روح رهيام (ساروڻيون: 2011ع)، (19) پير اڃا مون پنڌ ۾ (ساروڻيون، 2012ع)، (20) ڳالھڙيون کٽيون ناهن (ساروڻيون 2013ع)، (21) ياد ياد هڪ زندگي (ساروڻيون 2014ع)، (22) کليل اکين جا سپنا (ساروڻيون 2017ع)، (23) اڌورو داستان (ساروڻيون 2018ع)، (24) قصو ڪوتاهه (ساروڻيون 2019ع)، (25) حيدرآباد: سپنن جو شھر (ساروڻيون 2020ع). قاضي خادم جي ڪتاب ’دل جي دفتر مان‘ کي سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران 2010ع ۾ ادبي اوارڊ ڏنو ويو. ان کان سواءِ قاضي خادم جي ڪهاڻين جو اردو ترجمو آگسٽ 2000ع ۾، ’مڪتبه نئي قدرين‘ طرفان ڇپيو، جنهن جو مرتب پروفيسر مرزا سليم بيگ هو. قاضي خادم جي ڪيترين ڪهاڻين جا ترجما، آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس جي ڇپرايل ڪتاب ‘Colors of Loneliness’ ۽ اڪيڊمي آف ليٽرس اسلام آباد جي پرچي ’ادبيات‘ ۽ ’شاهڪار افساني‘ وغيره ۾ ڇپيل آهن. ڊاڪٽر قاضي خادم کي رٽائرمينٽ کان پوءِ سنڌي شعبي جو وزيٽنگ پروفيسر ۽ علامه غلام مصطفيٰ قاسمي چيئر جو ڊائريڪٽر ٿي رهيو. هن مختصر عرصي اندر چيئر پاران 11 ڪتاب هيٺين ريت ڇپائي پڌرا ڪيا آهن: (1) ايڏو شان شعور (علامه قاسميءَ جا ’الرحيم‘ رسالي جا سنڌي ايڊيٽوريل)، (2) قرآن حڪيم جون خصوصيتون (مولانا ڪوثر نيازيءَ جي ڪتاب جو ترجمو)، (3) علامه غلام مصطفيٰ قاسمي ۽ سندس همـعصر (2006ع)، (4) علامه غلام مصطفيٰ قاسمي ۽ سندس همعصر عالم ۽ اديب (2007ع)، (5) علامه غلام مصطفيٰ قاسمي ۽ سندس همعصر عالم ۽ مؤرخ (2008ع)، (6) علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، همعصر عالم ۽ صحافي (2009ع)، (7) شذرات (اردو رسالي ’الولي‘ جا ايڊيٽوريل، ڀاڱو پهريون)، (8) شذرات اردو رساله ’الولي‘ جـا ايڊيٽوريل، ڀاڱو ٻيو)، (9) شذرات (اردو رساله ’الولي‘ جا ايڊيٽوريل، ڀاڱو ٽيون)، (10) علامه غلام مصطفيٰ قاسمي: سوانح ۽ علمي ڪاوشون (2011ع) ۽ (11) مقالات سرفراز 2011ع، (12) چونڊ سوانحي خاڪا 2012ع)، (13) اشاريه (اردو، 2012ع)، (14) مٺو مرسل (2013ع)، (15) افڪار الله دهلوي'>شاهه ولي الله دهلوي (اردو، 2014ع)، (16) چونڊ تحقيقي مضمون، (17) چونڊ علمي مضمون، (18) مولانا عبيدالله سنڌي و ديگر مشاهير (اردو، 2017ع)، (19) ڪَڻا کنيم ڪيچ مان (2018ع)، (20) ”الرحيم“ جي ڏَسڻي (2019ع). ڊاڪٽر قاضي خادم، علامه قاسمي چيئر پاران ٽي ڪامياب ڪانفرنسون پڻ ڪرائي چڪو آهي. هو مسلسل پنهنجون يادگيريون لکندو رهي ٿو، جيڪي ڪالمن جي صورت ۾ روزاني شام، حيدرآباد ۾ ڇپجنديون رهن ٿيون. ان کان سواءِ ڊاڪٽر قاضي خادم، مهراڻ ٽي. وي چئنل تان ادبي پروگرام ’ساهت رس‘ جا سٺ کان وڌيڪ پروگرام ڪري چڪو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1945.11.21  عيسوي

مشهور اديب، ڪهاڻيڪار، ڊرامه نگار، مترجم ۽ نقاد، ڊاڪٽر قاضي خادم حسين، محمد لائق قريشيءَ جي گهر ۾،21 نومبر 1945ع تي، ڳوٺ الهداد چنڊ، ضلعي حيدرآباد ۾ جنم ورتو.


1970.06.15  عيسوي

15 جون 1970ع کان سنڌ يونيورسٽي جي سنڌي شعبي ۾ استاد مقرر ٿيو، جتي رٽائرمينٽ (11 نومبر 2005ع تائين) پروفيسر، چيئرمئن سنڌي شعبو، ڊين فيڪلٽي آف آرٽس ۽ ايڊوائيزر اسٽوڊنٽس گائيڊنس بيورو به ٿي رهيو. قاضي خادم 1989ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان پي. ايڇ. ڊي ڪئي، سندس تحقيقي مقالي جو عنوان ’سنڌ جي نثري داستانن جو تنقيدي جائزو‘ هو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پروين موسيٰ ميمڻ
سندري پرچاڻي سوني ڊاڪٽر
قاضي خادم حسين
انعام شيخ
سمرسيٽ ماهم
ڄيٺو لالواڻي
پنجواڻي رام پروفيسر
رشمي راماڻي
حڪيم فتح محمد سيوهاڻي
عبدالقيوم صائب
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون